اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي ترڪيءَ جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي وزير جي ترجمان عاصم افتخار پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌائي. ڀارت پاران ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين م??ڪ جي گهرواريءَ مشعال ملڪ کي ان سان م??اقات جي اجازت ڏيڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته هي هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان م??جود آهي، ياسين م??ڪ جي گهرڀاتين کي ان سان م??ڻ جي اجازت نه ڏني وئي جي ناقابل قبول آهي. هن ??يو ته پاڪس??ان پاران ڪيترن ئي موقعن تي ان مسئلي کي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر سميت مختلف فورمز تي اٿاريو ويو، اسان ان معاملي کي اٿاريندا رهنداسين ۽ اسان هر ممڪن تعاون ۽ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري ظلم ?? ڏاڍ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن اڄ سرينگر ۽ پلواما ۾ 4 بيگناهه ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان م??انهون قتل جي سخت مذمت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته ان کان اڳ بارهامولا ۽ ڪپواڙه ۾ نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ 4 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو هو. هن ??يو ته پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام شهيد مير واعظ مولوي محمد فاروق ۽ شهيد عبدالغني لون کي خراج عقيدت پيش ڪيو جيڪي ترتيبوار 21 مئي 1990ع ۽ 21 مئي 2002ع تي ڀارتي قابض فوج جي هٿان شهيد ٿيا هئا. ترجمان ??يو ته ڪشميرين ۽ انهن جي قيادت کي ڏاڍ ۽ طاقت جي بي رحماڻي استعمال ذريعي خاموش ڪرڻ جا ڀارت جا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، محمد ياسين م??ڪ جي سزا تي والاريل ڪشمير ۾ جيڪو عوامي ردعمل آيو آهي ان سان ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي وڌيڪ سگهه ملندي. پاڪس??ان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي رياستي دهشتگردي کي روڪي، انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري طور تي بند ڪري، هٿ ٺوڪي الزامن تحت حراست هيٺ سمورن ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪري ۽ والاريل علائقي جو غيانساني فوجي گهيراءُ ختم ڪري. هن عالمي برادري، عالمي انساني حقن جي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اهي والاريل ڪشمير ۾ سنگين انساني صورتحال جو نوٽيس وٺن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن م??جب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.