اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف اتر وز??رستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وز??راعظم ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي لانس حوالدار ز??ير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود جي شهادت ??ي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندن قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٻارن 4 سالا انعم، 8 سالا احسن ۽ 11 سالا احمد حسن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آ??ن، ان سفاڪ وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، قاتلن جي سرپرستن کي س??ا ڏئي رهنداسين. وز??راعظم چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، شجاعت ۽ شهادت اسان جي فوج جي شاندار روايت آهي، اسان جي شهيدن ان کي برقرار رکيو آهي. وز??راعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.