اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي اڄ 28 اپريل کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، دوري دوران وز??راعظم جو سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، سعودي عرب ۾، پاڪستاني افرادق قوت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيلن موجب هلندڙ ??هي??ي جي شروعات ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وز??راعظم جو اهو پهريون ٻاهرين ملڪ جو دورو هوندو. دوري ۾ ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وز??راعظم سان گڏ هوندو. ان دوري دوران وز??راعظم سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ڪندو ۽ خاص طور تي ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ سعودي عرب ۾، پاڪستاني افرادي قوت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ??لائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل اعتماد، افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي ??و ساٿ ڏيڻ جي مستقل روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام، خادم حرمين شريفين کي انتهائي ??زت جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهي گڏيل تعاون، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي. سعودي عرب ڄمون ۽ ڪسمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو ميمبر آهي، سعودي عرب ۾ رهندڙ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستا??ي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جو تسلسل، ٻطرفي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي ظاهر ڪري ٿو، وز??راعظم جي سعودي عرب جي دوري سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ م??د ملندي.