اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچ??ري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سان پراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿ??. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي دوري جي تي??ري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، سمنڊ پار پاڪستانين و??ري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپ??ل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچ??ري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿ??. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو انهن لاڳاپن کي خاص طور تي روزگار، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڊگهي مدي و??ري اسٽريٽجڪ حصيد??ري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر سفارشون جوڙي. واضح رهي ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو هي پهريون پرڏيهي دورو آهي جيڪو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجود ٻطرفن اسٽريٽجڪ لااڳپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.