اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ”رمضان المبارڪ گذارڻ جو بهترين طريقو“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو ويو. ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. خطيب ڊاڪٽر محمد ظهير جمعي جي خطبي ۾ رمضان المبارڪ جي برڪت ۽ فضيلت بيان ڪندي چيو ته رمضان جو مهينو انسان جي تربيت جو مهينو آهي، روزو انسان جي اندر صبر ۽ تحمل پيدا ڪندو آهي روزي ۾ حلال شين کان به هڪ وقت تائين منع ڪئي وئي آهي، حلال طريقي سان رزق حاصل ڪرڻ به عبادت آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي هن مبارڪ مه??ني ۾ ڪثرت سان توبع ۽ استغفار ڪرڻو آهي، رمضان جي مه??ني ۾ اسان کي خراب صحبت کان بچڻو آهي، هن مبارڪ مه??ني ۾ مسلمان پنهنجي رب کي به راضي ڪري س??هن ٿا، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد کان سڌو سنئون خطبو نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوش??ال?? لاءِ دعا ڪئي وئي.