اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار نٿو رکي ته رو??نگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري. اٽارني جنرل ڊپٽي اسپيڪر جي رو??نگ جو سپريم ڪورٽ ۾ دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪ??و آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن ڏينهن عدم اعتماد تي ووٽنگ ٿي رهي هئي ان ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر آئين جي ابتڙ رو??نگ ڏني. ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار ئي نٿو رکي ته رو??نگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري جنهن وقت عدم اعتماد تي ووٽنگ لاءِ تحريڪ پيش ٿي هئي ڊپٽي اسپيڪر رو??نگ نٿو ڏئي سگهي، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اٽارني جنرل جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر جي رو??نگ جو دفاع ڪرڻو هو، سپريم ڪورٽ آڏو رو??نگ جو دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪري هليو ويو آهي.