بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??طي جو امن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جو فروغ، سرحدن تي ??هولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جي سڀني ڪوششن جي ڪاميابي افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ ٽه ڌرئي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ??ئون سڀ کان پهرين اڄ جي هن ٽه ڌرئي گڏجاڻي جو اهتمام ڪرڻ تي ??سٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اسان جي اها گڏجاڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهي. هن چيو ته ??هو پاڪستان ۽ چين کي افغان عم??دارن سان پنهنجي موقف جو حصيدار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي، اهو افغان ڌر کي ٻڌئڻ جو به موقعو ڏي ٿي، اهو اجلاس پاڪستان ۽ چين ٻنهي کي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي ??جلاس لاءِ رابطاڪاري ۾ مدد ڏيندو. پرڏيهي وزير چيو ته ??ئون خطي لاءِ هڪ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي حوالي سان اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ريمارڪس جو ورجاءُ ڪر?? چاهيان ٿو، هن چيو ته ??فغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي واپسي جو پاڪستان کان وڌيڪ ڪو ملڪ خواهشمند نه آهي، خطي جو امن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جي فروغ، سرحدن تي ??هولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جون سڀئي ڪوششون جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام نٿيون آڻي سگهن ته ??ن کي ڪاميابي نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته ??سان افغانستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻطرفي ۽ اهم علائقائي ملڪن جي حمايت سان پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، افغانستان ۾ انساني صورتحال تي ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس افعانستان جي حمايت ۾ عالمي برادري کي جمع ڪرڻ جو هڪ ڪامياب موقعو هو. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو ڪالهه ٿيڻ وارو اجلاس افعانستان تي هڪجهڙي علائقائي موقف لاءِ انتهائي اهم آهي، اسان عالمي برادري خاص طور پاڙيسرين پاران افغانستان کي ڏيڻ واري حمايت کي ساراهيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته ??سان کي افغان عم??دارن ۽ عالمي برادري ٻنهي سان تمام گهڻو ڪجهه گهربل آهي، عالمي برادري رابطن جي اڳين مرحلي ۾ افغان عم??دارن طرف ڏسي رهي آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي اڃان تائين ختم ناهي ٿي، دهشتگردي جو خطرو هاڻي پهرين کان به وڌيڪ آهي، پرڏيهي وزير چيو ته ??نهن حالتن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت افغان عم??دارن جي تازي فيصلي تي ??المي برادري جي ڳڻتي فضول نه آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته ??فغان عم??دار پنهنجي پهرين ڪيل اعلانن تي ??ملدرآمد ڪندا ۽ عالمي برادري سان گڏ رابطن کي مضبوط ڪندا. آئون افغان وفد کي يقين ڏيار?? چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حمايت ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. پاڪستان، عالمي برادري تي ??ه زور ڏيندو رهندو ته هو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ اضافي طريقن تي ??ه غور ڪن، چين سان گڏجي اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، اسان کي اميد آهي ته ??فغان عم??دار هڪ پرامن دوست آهن ۽ مستحڪم افغانستان جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهندا.