اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ب??نڪ کي مرحوم قرضدار جي خاندان کي 4 لک 23 هزار رپين جي واپسي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ص??ر وفاقي بئنڪنگ محتسب جو فيصلو برقرار رکيو ۽ ب??نڪ آف پنجاب جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ب??نڪ مرحوم قرضدار جي خاندان کان هڪطرفي ۽ غيرمنصفاڻي طور وڌيڪ مارڪ اپ وصول ڪيو، ب??نڪ پنهنجي ئي ضابطن جي خلاف غيرضروري طور تي روزاني جي معاملي کي الجهايو. شهري ميان الله وسايو ب??نڪ آف پنجاب کان 2015ع ۾ 30 لک رپيا قرض ورتو، شهري 35 لک رپين جا ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ بطور سيڪيورٽي ب??نڪ کي جمع ڪرايا. جنوري 2017ع ۾ شهري جو لاڏاڻو ٿي ويو پر بئنڪ آڪ??وبر 2018ع تائين مارڪ اپ وصول ڪري ورتو، ب??نڪ سرٽيفڪيٽ ڪيش ڪرايا، 57294 رپين بدران 480489 رپيا مارڪ اپ وصول ڪيو. الله وسايو جي بيواهه ب??نڪ کي جنوري 2017ع تائين مارڪ اپ وٺڻ، وڌيڪ رقم معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ب??نڪ درخواست منظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته شڪايت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئنڪنگ محتسب فيصلو ڏنو ته ب??نڪ اصل رقم تي وڌيڪ مارڪ اپ وصول ڪرڻ، معاملو لٽڪائي بدانتظامي ۽ ناانصافي ڪئي. ب??نڪ رقم وصولي بابت ضروري رهنمائي فراهم ڪرڻ جي قانوني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ب??نڪ غيرضروري طور تي وقت سر سرٽيفڪيٽ ڪيش نه ڪيا، مارڪ اپ جمع ڪندي رهي. بئنڪنگ محتسب 2018ع جو معاملو ??يه?? نه کولڻ جو ب??نڪ جو عذر رد ڪري ڇڏيو هو. ڪو قانون يا ضابطو ب??نڪ کي پراڻا معاملا ٻيهر کولڻ کان نه ٿو روڪي، ص??ر بنڪنگ محتسب جو رقم واپسي جو حڪم برقرار رکيو. صدر چيو ته ب??نڪ جي اپيل ميرٽ تي ٻڌل نه آهي، ب??نڪ قانوني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.