بيجنگ – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??اڪ??تان چين جي مدد سان سيمي ڪنڊيڪٽرز زون قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن جو مقصد ??اڪ??تان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ترقي جون نيون راهون کولڻ آهي. اها ڳالهه هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري دوران هن سيمي ڪنڊيڪٽرز انڊسٽري جي ??اڪ??تان منتقلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ٽيڪنالاجي نه رڳو ??اڪ??تان پر چين جي لاءِ پڻ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته چين جون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ??اڪ??تان اچن ۽ ??اڪ??تان کي سيمي ڪنڊيڪٽرز مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻائين. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ پنهنجي ان مدي دوران هن سيمي ڪنڊيڪٽرز ٽيڪنالاجي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ سيمي ڪنڊيڪٽرز مهارت ۾ ??اڪ??تانين کي تربيت جي فراهمي جي لاءِ چين سان حصيداري پڻ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ??اڪ??تان ۾ سيمي ڪنڊيڪٽرز ڊيزائننگ جي شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا، مون کي اها ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته چيني سيڙپڪار ??اڪ??تان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي زون کي سيمي ڪنڊيڪٽرز زون ۾ تبديل ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو تمام وڏو شعبو آهي جنهن ۾ ٻئي ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مو??ائ??ل فونز هاڻي ??اڪ??تان ۾ تيار ٿي رهيا آهن پر اسان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌندي ??اڪ??تان ۾ مو??ائ??ل فونز جي مڪمل مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت جي شعبي ۾ اوزارن جي حوالي سان ٻطرفي تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي شروعات جي ڪجهه مهينن دوران اسان ان شعبي بابت هر شيءَ درآمد ڪري رهيا هئاسين پر هاڻي ??اڪ??تان ان حوالي سان هڪ وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته اهو اهم سنگ ميل اسان مختصر عرصي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي صحت جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان وٽ هنرمند ليبر ۽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪ ڪمپنيون ٽيڪنالاجي زون ۾ اسان جي مدد ڪنديون ۽ اهڙي طرح اسان انهن شعبن ۾ ڪاميابي سان اڀري سگهنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ڪيتريون ئي چيني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ??اڪ??تان اينديون ڇو ته سيمي ڪنڊيڪٽر هر ٽيڪنالاجي جو بنيادي عنصر آهي جنهن سان مقامي مينوفيڪچرنگ مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن آڻڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي تازي دوري دوران چين جي ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٻنهي طرفن کان سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاج??، طبي تشخيص ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.