اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ڄمون ۽ ڪشمير ڪو علائقائي تڪرار نه آه?? پر اڳوڻي رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جو معاملو آه??، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار انساني الميي، سياسي تباهي ۽ فاشٽ ڀارتي حڪومت پاران معصوم ڪشميرين جي نسلن جي انساني حقن کان مسلسل انڪار جو اداس چهرو پيش ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برلن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير يوم حق خود اراديت جي حوالي سان ويبنار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي ظلم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حدن ??ان نڪري پوري ڀارت ۾ پکڙجي ويا آه?? ڇو ته ڀارت جي اندر به بي جي پي حڪومت ۾ اقليتن کي اهڙي ئي صورتحال درپيش آه??. انهن حالتن وزيراعظم عمران خان جي علائقائي رابطن ۽ خوشحالي جي ويزن جي رستي ۾ رڪاوٽون اڀيون ڪري ڇڏيون آه?? جنهن جي ڪري خطي جا اربين ماڻهو مصيبتن جو شڪار آه??. وفاقي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير پاڪستاني عوام جي دلين جي گهڻو ويجهو آه?? ۽ پرامن پاڪ ڀارت لاڳاپن جو خواب ڀارتي حڪومت جي انتهاپسنداڻي نظريي جي هٿان شڪست کائي چڪو آه??، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان کي ڀارت کي معصوم ماڻهن تي وحشياڻو ظلم بند ڪرڻ، والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻ ۽ گڏيل قومن سان تعاون تي راضي ڪرڻ گه??جي. جرمني ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر محمد فيصل شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته عالمي برادري جو ڄمون ۽ ڪسمير جي عوام سان حق خود اراديت جو واعدو ڀارتي هٺ ڌرمي جي ڪري گذريل 73 سالن کان عملدرامد جي گه??جائو آه??. سفير ڊاڪٽر فيصل ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ سان آزادي ۽ گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حق خود اراديت جي اجازت ملڻ تائين پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيـٺل رهندو.