اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو ??هي ته افغانستا?? جي موجوده صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغان عوام جي مدد لاءِ ??ال??ي فنڊ جو قيام ۽ افغانستان لاءِ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي جي مقرري اهم ڪاميابي آهي، اميد ??هي ته اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کانسواءِ ٻيا ملڪ به ان فنڊ ۾ حصو وجهندا، غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي خوش آئنده آهي، اميد ??هي ته ان سان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ بهتري ايندي. هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن روانو ٿ??ڻ تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ٻين کيس الوداع ڪيو. او آءِ سي سيڪريٽري جنرل چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت جا ٿ??را??تا آهيون، اهو غير معمولي اجلاس هڪ وڏي ڪاميابي هو، خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اهو اجلاس اهم هو، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو ته جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي، ڪانفرنس سان خطي خاص طور تي افغانستا?? جي صورتحال ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته ان اجلاس جي هڪ اهم ڪاميابي اها ??هي ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت کي افغانستان بابت خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو جنهن پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هو رابطاڪاري جو ڪم سرانجام ڏيندو، هن اجلاس ۾ شريڪ طالبا?? جي نمائندي سان ملاقات به ڪئي، اميد ??هي ته هو مستقبل ۾ به لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهندو، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي چيو ته ٻي وڏي ڪاميابي افعانستا?? جي عوام لاءِ خصوصي فنڊ جو قيام ??هي جنهن ۾ نه رڳو او آءِ سي جي ميمبر ملڪ پر ٻيا ملڪ به تعاون ڪندا ته جيئن 40 سالن کان مصيبتن جو شڪار افغاني?? جي مدد ٿي سگهي، هن چيو ته اجلاس ۾ افغانستان لاءِ حوصلا افزا اعلان ڪيا ويا آهن، ان پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جا تاريخي اثر پوندا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿ??رو ادا ڪندي چيو ته اميد ??هي ته افغانستا?? جي باري ۾ او آءِ سي جا نمائندا خصوصي فعال ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو ??هي جنه?? جي روڪٿام لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿاريو ويو.