اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڻ کي هنرمند بڻائين، حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بلوچستان جا نوجوان ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ريڊيڊنشل ڪاليج، لورالائي جي شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو، ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان وجب صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون حڪومتي تعليمي اسڪالرشپ اسڪيم مان فائدو کڻن. حڪومت احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت 50 هزار اسڪالرشپ ڏئي رهي آهي، هن چيو ته شاگرد پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين، ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، صدر ??يو ته شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڻ کي هنرمند بڻائين، حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بلوچستان جا نوجوان ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن، نوجوان ڪامياب پروگرام تحت آسان شرطن تي ڪاروباري قرض حاصل ??ري سگهن ٿا، شاگردن صدر ??ي پنهنجي م??ئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر شاگردن کي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.