اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي چيو آهي ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندا. اها ڳالهه هن آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن پر??يهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات وارو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري توصيف عباسي به ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وزير سردار عبدالقيوم نيازي کي وزارت عظميٰ، آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني،آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پر??يهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي کيس آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي تعمير ۽ ترقي لاءِ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پر??يهي وزير کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بينادن تي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏيندڙ والاريل ڪشمير جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ڪشميرين جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شاهه م??مود قريشي چيوت ه ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.