اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي تيز رفتار رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ ??عل??ٰ تعليم کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هائبرڊ تعليم جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ??عل??ٰ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جو تعداد وڌائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ فائونڊ??شن يونيورسٽي اسلام آباد (ايف يو آءِ) بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي ڪيو، فائونڊ??شن يونيورسٽي جي صدر وقار احمد ملڪ، ريڪٽر ميجر جنرل (ر) ناصر دلاور شاهه ۽ ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) پروفيسر ڊاڪٽر جواد خ??لق انصاري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وقار احمد ملڪ اجلاس کي ??عل??ٰ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي سميت هيلٿ سائنسز، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪيل قابل ذڪر ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌاي?? ته فائونڊ??شن يونيورسٽي تعليم، تحقيق ۽ تخليق ۾ مهارت جي ذريعي انساني وسيلن جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي، فائونڊ??شن يونيورسٽي مان 2015ع کان 2020ع جي دوران 8960 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم مڪمل ڪئي ۽ پي ايڇ ڊي گريجوئ??شن جو تعداد وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
هن چي?? ته يونيورسٽي جي انڊومنٽ فنڊ جي ذريعي مستحق شاگردن کي ميرٽ وظيفا، ضرورت تي ٻڌل مالي مدد ۽ فيس ۾ ڇوٽ به فراهم ڪري رهي آهي. صدر يونيورسٽي جي انتظاميه کي چي?? ته هو ايڇ اي سي جي ??عل??ٰ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ معذر شاگردن جي ڀلائي ۽ ترقي جي پاليسين کي لاڳو ڪري ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس سميت سمورا اداره جاتي معاوضو معاف ڪري رهي آهي. هن يونيورسٽي تي زور ڏن?? ته هو پنهنجي حڪمت عملي ۽ ويزن تي نظرثاني ڪري ته جيئن ان جي رسائي کي وڌائڻ، هائبرڊ ۽ ورچوئل ايجوڪ??شن کي فروغ ڏيڻ ۽ معياري گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته دنيا تيزي سان تبديلي مان گذري رهي آهي ۽ پاڪستان کي به چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ ڊيٽا تجربي جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ملڪ ۾ ??عل??ٰ تعليم خاص طور تي هيلٿ سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ فائونڊ??شن يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کي ساراهيو.