اسلام آباد_21 سيپٽمبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ يونان جي سفير آندرياس پاپا ستاورو هتي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن خاص طور تي افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، آءِ اي?? پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي،آرمي چيف چيو ته اسان گڏيل مفاد وارن سمورن شعبن ۾ صحت مند ٻه طرفا مٽاسٽا جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا، يونان جي سفير مربوط قومي ردعمل ذريعي ڪورونا ??ائرس جي وبا تي ضابطي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ت??ريف ڪئي،هن افغان صورتحال،ڪامياب آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن لاءِ پڻ پاڪستان جي ت??ريف ڪئي.