اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ گهري ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ??يندي چيو آهي ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، سعودي ??رب جي ترقي ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪووڊ بابت سفري پابندين جي ڪري سعودي ??رب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي وقت واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سعودي ??رب جي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان السعود وزيراعظم عمران خان سان هتي ملاقات ڪئي، وزيراعظم سندس والهاڻو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي خامين الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلما?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي مئي 2021ع جي پنهنجي سعودي ??رب جي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن جي لاءِ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ وزيراعظم ان جي مختلف رخن تي روشني وجهندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نيون راهون ڳوليون وڃن. وزيراعظم خصوصيت سان زور ??نو ته معاشي رخ کي سگهه ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هر ممڪنه قدم کنيا وڃن، وزيراعظم عمران خان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي فعاليت جي حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته سعودي ??رب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ تزويراتي رخ جي تعي?? لاءِ اعليٰ سطح جو اهم پليٽ فارم آهي. وزيراعظم سعودي ??رب جي خوشحالي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن سان ٻه طرفي لاڳاپن کي ٺوس بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا بابت سفري پابندين جي حوالي سان پاڪستاني شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سعودي ??رب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي انهن جي واپسي لاءِ بروقت قدم کنيا وڃن، هن سعودي ??رب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڪووڊ ويڪسين جي فراهمي تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪورونا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سمورين ترين کي سياسي حل لاءِ تعميري ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته امن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي سعودي وفد والهاڻو استقبال ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. پرنس فيصل چيو ته سعودي ??رب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا رکندڙ آهي. اهي لاڳاپا اخوت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. هن وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد جي اسٽريٽجڪ حڪمن جي روشني ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي ??رب هڪٻئي سان ويجهي ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي ويجها ڀائراڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. سعودي ??رب اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جو ميمبر آهي ۽ هو ڪشمير ڪاز جو حامي آهي.