اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهٽ لاڳت گهرن ??ي عوام تائين پهچ لاءِ معلومات جي فراهمي ۽ درخواستن جي وصولي لاءِ موبائيل يونٽ جو افتتاح ڪيو. موبائيل يونٽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان ماڻهن کي گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن لاءِ قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو. وڌيڪ اهو ته موبائيل يونٽ پرائ?? منسٽر هائوسنگ اسڪيم تحت قرضن لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪندو، شروعاتي طور تي موبائيل يونٽ راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ??ي علائقن ۾ سهولت فراهم ڪندو، ان کانپوءِ پوري پاڪست??ن ۾ اهڙا موبائيل يونٽ قائم ڪي?? ويندا، ان کانسواءِ موبائيل يونٽ ڪورونا وبا دوران بئنڪن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو