اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺي فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت کي روڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو جنهن ۾ چيو وي?? آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام فلسطين ڀائرن س??ن گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پ??رل??امينٽ ميمبرن س??ن گڏ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ ظلم بربريت جي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو وي??دو، هن چيو ته احتجاجي مارچ گڏيل قومن جي آفيس تائين ڪيو وي??دو جتي گڏيل قومن جي نمائندي کي قومي اسيمبلي ۾ 17 مئي تي متفقه طور ت?? منظور ٿيندڙ قرارداد پيش ڪئي وي??دي، قرارداد ۾ فلسطين ۾ معصوم ۽ بي گناهه عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو وي?? آهي ته هو فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جو فوري نوٽيس وٺي ۽ جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻي.