مڪه مڪرمه – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ بيت الله ۾ نفل ادا ڪيا. وزيراعظم جي لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا خصوصي طور تي کوليا ويا جتي هن نفل ادا ڪرڻ کانسواءِ مسلمان امت سان گڏوگڏ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن مسجد نبوي ۾ رهندي وزيراعظم کي خصوصي طور تي رسول ڪ??يم ﷺ جي ر??ضي مبا??ڪ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو جنهن کي الحجرت النبويات الشريفه به چيو وڃي ٿو. وزيراعظم رسول ڪ??يم ﷺ جي ر??ضي مبارڪ تي هديه عقيدت پيش ڪيو. هن وفد سان گڏ هتي ر??زو افطار ڪيو، مغرب جي نماز ادا ڪئي، نفل پڙهيا ۽ مسجد نبوي صه ۾ نماز ادا ڪئي.