اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ 6 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ علائقائي تعاون اڻٽر آهي، اسان کي پنهنجي ??اگرافيائي بيهڪ، اقتصادي اثاثن ۽ سياسي رابطن مان فائدو کڻڻو ??ون??و، ڪورونا جهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ صحت واري شعبي کي وڌيڪ ترقي ڏيڻي ??ون??ي، سي پيڪ ذريعي افغانستان سميت وچ اوڀر تائين پهچ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي رابطن سان واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي، ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ عالمي سطح تي ويڪسين جي هڪجهڙي فراهمي ضروري آهي، افغان امن عمل خطي جي پائيدار ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار اي سي او جي 14 هين سربراهه اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. ا?? موقعي تي وزيراعظم عمران خان ترڪي جي ??در رجب طيب اردوان کي اقتصادي تعاون تنظيم جي 14 هين سربراهه اجلاس جي لاءِ صدارت جي ڪرسي سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته اي سي او جو ايندڙ اجلاس ترڪمانستان ۾ ٿيندو. وزيراعظم صدر الهام عليوف کي به آذربائيجان جي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي به مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري اي سي او جا ميمبر ملڪ صحت ۽ معيشت جي ??عبي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر شديد متاثر ٿيا آهن. مجموعي طور تي 15 ڪروڙ ماڻهن کي ان وبا پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو ۽ 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا، دنيا کي ڪورونا جي ڪري مختلف قسمن جا چئلينج درپيش آهن، اسرندڙ ملڪ ان وبا جي ڪري شديد متاثر ٿيا آهن ۽ اسان جي معيشت کي نقصان پهتو آهي، واپار ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ غربت وڌي آهي، هن چيو ته اي سي او سربراهه اجلاس جو مقصد علائقائي اقتصادي ترقي جي ??والي سان لائحه عمل تي غور ڪرڻ آهي، ڪورونا جي ڪري ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي نقصانن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ اڃان باقي آهي، پاڪستان اهو سمجهندو آهي ته اسان کي پنهنجي ??وام کي ڪورونا جو نشانو بڻجڻ ۽ بک کان بچائڻو ??ون??و ۽ پنهنجي ??وام کي هڪ طرف بک ۽ ٻي طرف موت کان بچائڻ لاءِ قدم اڻٽر آهن. هن چيو ته معاشي مشڪلاتن جي ??اوجود اسان جي ??ڪومت غير معمولي قدم کنيا، ان کانسواءِ معيشت جي ??ستحڪام، ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ روزگار کي برقرار رکڻ لاءِ معاشري جي ??ريب ماڻهن ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ احساس پروگرام تحت 8 ارب ڊالرن جي ??وڪ مالي مدد ۽ سبسڊيز فراهم ڪئي آهي.