پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي جي اهميت کي ??جاگر ڪندي چيو آهي ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پيشيوراڻي تربيت ۽ ه??رم??دي جي تعليم ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي ره?? آهي. خصوصي ماڻهن جي حق ايڪٽ 2020ع سان کين قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو گورنر هائوس پشاور ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪري ره??و هو. اجلاس ۾ صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر، صحت واري عالمي اداري جي نمائندن ۽ خصوصي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر کي ??صوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ پاڪستان ۾ معذوري جي اڀرندڙ صورتحال بابت بري??نگ ڏني وئي. بري??نگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو گهٽ لاڳت وارو موثر پيڪيج تيار ڪندڙ دنيا جو پهريون م??ڪ بڻجي ويو آهي. صدر چيو ته معذور ماڻهن جي بحالي ۽ موذي مرضن کان بچاءُ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آهي، هن چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي عالمي، علائقائي ۽ رياستي سطح تي مقبول ٿي ره?? آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن کي ٽيڪينڪل، ووڪيشنل ۽ ه??رم??دي جي تعليم ڏئي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي ره?? آهي، صدر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان خصوصي ماڻهن لاءِ 2000 روپيا ماهوار وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، خصوصي ماڻهن جي حق ايڪٽ 2020ع سان خصوصي ماڻهن کي قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.