اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا هڪ عالمي حقيقت آهي، اه?? ڪنهن ذهن جي پيداوار ناهي عدالتي فيصلو به اچي چڪو، مخالف ڌر هاڻي هوش کان ڪم وٺي ۽ عوام دشمني جي مرتب نه ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو ته عوام جي صحت جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، خدا نه ڪري جيڪڏهن قيمتي ??ان??ن جو زيان ٿئي ته ان جو ذميدار ان مخالف ڌر جا اڳواڻ ۽ جلسي جي انتظاميه هوندي.