اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ل??ءِ پرعزم آه??، پاڪستان عالمي بئنڪ سان حصيداري کي گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن اها ڳالهه هتي پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ توانائي بابت هڪ ارب 15 ڪروڙ ڊالر جي ٻن معاهدن تي صحيحن جي تقريب جي م??قعي تي چئي. اهي ٻئي معاهدا خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جي م??صوبن بابت آه??، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جي م??صوبن تي 45 ڪروڙ ڊالر لاڳت ايندي، داسو هائيڊرو پاور منصوبي جي پهرين فيز تي لاڳت جو ڪاٿو 70 ڪروڙ ڊالر آه??، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جو منصوبو هڪ ترقياتي پروگرام آه?? جنهن سان صوبي ۾ متبادل توانائي جي وسيع صلاحيت مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي.