اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير ??ور الحق قادري ملاقات ڪئي جنهن ۾ بابري مسجد جي شهادت جي حوالي سان ڀارت جي خصوصي عدالت جي فيصلي سميت ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پير ??ور الحق قادري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي افغانستان جي لاءِ نئين ويزا پاليسي جي منظوري جي لاءِ ڪردار جي واکاڻ ڪئي، هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته افعانستان جي لاءِ نئين ويزا پاليسي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۾ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، اسپيڪر اسد قيصر بابري مسجد جي شهادت جي حوالي سان ڀارت جي خصوصي عدالت جي فيصلي جي مذمت ڪندي ??يو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي بنيادي حقن کي بري طرح پائمال ڪيو پيو ??ڃي ۽ ان فيصلي سان پوري مسلمان امت جا جذبا مجروح ٿيا آهن.