اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافي تي خوشي جو اظهار ڪندي آگاهه ڪيو آهي ته آگسٽ 2020ع ۾ سمنڊ پا?? پاڪستانين مٽاسٽا ناڻي جي مدي ۾ 2095 ملين ڊالر موڪلي?? جيڪي گذريل سال آگسٽ جي مقابلي ۾ 24.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جولاءِ 2020ع ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 2768 ملين ڊالر جي رڪارڊ سطح ت??ئين پهتو، هن چيو ته الحمد الله هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن جي دوران اهو مٽاسٽا جو ناڻو گذريل سال جي انهي عرصي دوران جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ رهيو.