اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) توانائي و??ري وفاقي و??ير عمر ايوب خان چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ عالمي منڊين ۾ ٿيندڙ اضافي جي تناسب سان گهٽ اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ آهن، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مافياز جي سرپرستي ڪئي و??ي آهي ۽ جاچ عمل ۾ رڪاوٽ وڌي و??ي. قومي اسيمبلي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي تي پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ت?? حقيقت اها آهي ته اوپيڪ جي باسڪٽ قيمت ۾ 48 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ 46 ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان شرح سان پاڪستان ۾ جيڪو اضافو ٿيڻو هو اهو ساڍا 41 رپيا بڻجي ٿو جڏهن ??ه حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 41 بدران 25 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 24 رپين بدران 21 رپيا اضافو ڪيو آهي. هن چيو ت?? ان جي باوجود نه رڳو ننڍي کنڊ پر ڏکڻ ايشيا جي مقابلي ۾ به پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ آهن. هن چيو ت?? جنوري ۾ پيٽرول جي قيمت 116.7 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 127.26 رپيا هئي. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 42 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 47 رپيا گهٽتائي ڪئي هئي. هن چيو ت?? موجوده اضافي جي باوجود جنوري جي مقابلي ۾ پيٽرول جي قيمت 17 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 26 رپيا گهٽ آهي. بنگلاديش ۾ پيٽرول 174، چين ۾ 138 ۽ ڀارت ۾ 170 رپيا آهي. فلپائن ۾ 153، جاپان ۾ 196 رپيا في ليٽر آهي. هن چيو ت?? جنهن وقت عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ??ه حڪومت عوام کي فائدو م??تق?? ڪيو جڏهن اضافو ٿيو ت?? اسان هڪ حد تائين اضافو ڪيو.