اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وف??قي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اس??گلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، آرديننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اس??گلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون ??جو??ز ڪيون ويون آهن، اهو قدم ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب رليف هيٺئين سطح تي پهچائڻ لاءِ هڪ قانوني ڪوشش آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس آندو پيو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ اس??گلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اس??گلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون ??جو??ز ڪيون ويون آهن. وف??قي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 اپريل جي فيصلن، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 8 ۽ 9 اپريل جي فيصلن جي توثيق ڪئي.