اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي باني گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتارپور راهداري جي بي مثال منصوبي جو صبح ڇنڇر ڏينهن افتتاح ڪندو. ڀارت سميت سڄ?? دنيا مان سک ياترين جي بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ ش??ڪت لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي، جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ سک ياتري ش??ڪت ڪندا.