GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

حج پاليسي 2025ع جو اعلان، حج ڪوٽا هڪ لک 79210 مقرر

image

اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين حج پاليسي 2025ع جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو. سال 2025ع لاءِ پاڪستان جي حج جي ڪوٽا هڪ لک 79210 آهي، سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن لاءِ ڪوٽا جي ورڇ جو تناسب 50-50 سيڪڙو آهي. سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن لاءِ 89605 سيٽون رکيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم جا خرچ 10 لک 75 هزار رپين کان 11 لک 75 هزار رپين جي وچ ۾ هئڻ جي اميد آهي. سرڪاري اسڪيم لاءِ 2 لک رپين جي پهرين قسط حج درخواست سان گڏ جمع ڪرائڻ هوندي. ڪُڻن جي 10 ڏينهن اندر اندر 4 لک رپيا ۽ باقي رقم هڪ کان 10 فيبروري وچ ۾ جمع ڪرائڻ لازمي هوندو. سرڪاري حج اسڪيم ۾ اسپانسر شپ اسڪيم ۾ 5 هزار سيٽون مخصوص رکيون ويون. اسپانسرشپ اسڪيم ۾ شموليت لاءِ بئنڪن چينل ذريعي پرڏيهه مان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ لازم هوندو. وفاقي وزير ڪالهه حج پاليسي 2025ع جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حج 2025ع جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم جا خرچ 10 لک 75 هزار رپين کان 11 لک 75 هزارن جي وچ ۾ هئڻ جي اميد آهي. وفاقي وزير چيو ته سعودي حڪومت طرفان سال 25ع لاءِ پاڪستان جي مجموعي حج ڪوٽا هڪ لک 79210 رکي وئي آهي. سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن لاءِ ڪوٽا جي ورڇ جو تناسب 50-50 سيڪڙو يعني 89605 جي حساب سان رکيو ويو آهي. هن چيو ته نجي حج اسڪيم ۾ اسپانسرشپ لاءِ 30 هزار سيٽون رکيون وينديون. سرڪاري اسپانسر شپ اسڪيم پهرين اچو پهرين حاصل ڪريو جي اصول تي ڪُنن کان ڇوٽ هوندي. سرڪاري حج اسڪيم لاءِ روايتي لانگ پيڪيج 38 کان 42 ڏينهن ۽ شارٽ پيڪيج 20 کان 25 ڏينهن تي ٻَڌل هوندو. وفاقي وزير چيو ته اسپانسرشپ اسڪيم ذريعي جمع ٿيل مٽاسٽا جو ناڻو صرف ۽ صرف سعودي عرب ۾ حج سان لاڳاپيل خرچن جي ادائيگيءَ لاءِ استعمال ٿيندو. هن چيو ته سعودي تعليم موجب هر منظم، نجي حج گروپ گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار حاجين تي ٻَڌل هوندو جنهن جا ڪيترائي سبب آهن ان مان هڪ وڏو سبب هي آهي ته عام طور تي ائين ٿيندو هو ته ڪو 10-20 يا 100 ماڻهو وٺي ويندو هو ۽ اتي وڃي رهائش وٺڻ ۾ مشڪلاتون ڏسڻيون پونديون هيون، هن چيو ته جڏهن 2 هزار جو گروپ هوندو ته انهن کي جايون به بهتر ملنديون. وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻي نئين شيءِ شامل ڪئي وئي آهي ته حج دوران جيڪڏهن ڪو حاجي فوت ٿي وڃي ته 10 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو هو جنهن کي وڌائي 20 لک رپيا ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو وڏي پيماني تي زخمي ٿئي ٿو ته ان جي به رقم وڌائي 10 لک رپيا ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته يقينن حج آسان نه هوندو آهي ان ۾ مشڪلاتون به هونديون آهن پر گذريل سال جو حج ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر هو ۽ ان ڀيري اسان جي ڪوشش آهي ته ان کي اڃا به وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. وفاقي وزير چيو ته مڪه مڪرمه ۾ ڊبل بيڊ ۽ ٽرپل بيڊ رهائش جي سهولت لاءِ ترتيبوار 2 لک 20 هزار ۽ 75 هزار رپيا في درخواستگذار کي واڌ جمع ڪرائڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته ان سال سرڪاري حج اسڪيم تحت حج پانڌيئڙن کي هڪ نئين سهولت ڏني پئي وڃي جنهن سان عام ماڻهوءَ کي فائدو ٿيندو جيڪو رقم هڪ جاءِ تي جمع نٿو ڪرائي سگهي، ان سهولت تحت بقايائون 2 لک رپين جي پهرين قسط حج درخواست سان گڏ جمع ڪائڻي پوندي.وفاقي وزير چيو ته درخواستن جي وصولي جي آخري تاريخ کان پئسا واپس وٺڻ جي صورت ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ٿيندي جڏهن ته ڪُڻن کان پوءِ پهرين قسط واپس وٺڻ جي صورت ۾ 50 هزار رپيا ڪٽوتي ٿيندي ۽ ٽين قسط جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ 2 لک رپيا ڪٽوتي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته 10 فيبروريءَ کان پوءِ نه وڃڻ جي صورت ۾ باقي رقم واپس نه ٿيندي، درخواستگذار جي فوتگي جي صورت ۾ ڄاڻايل رقم ڪٽوتي جي عمل ۾ نه آندي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته هي هڪ سٺي ڳالهه آهي ته خرچ ناهن وڌايا حالانڪ پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ هر شيءِ جون قيمتون وڌيون آهن پر اسان گذريل سال جي سطح تي قيمتون برقرار رکيون آهن. وفاقي وزير چيو ته گذريل حج جو سعودي حڪومت طرفان جيئن ئي ريفنڊ ملندو اسان هتي منتقل ڪنداسين، هن سال اسان نَون حج پانڌيئڙن کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون ۽ ڪُڻن ۾ نَون حج پانڌيئڙن جي نالن جي اچڻ جو امڪان به وڌيڪ آهي.

مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ