اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) ??اڪ??تان جي دوري تي آيل افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي جُون پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان جي لاءِ ??اڪ??تان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، افغانستان ۾ ??اڪ??تان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر ??فيسر پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته ??اڪ??تان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، ??اڪ??تان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿ??و آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪ??تان گذريل چار ڏهاڪن کان 30 لک افغان پناهگيرن جي مي??با??ي ڪندو اچي ره??و آهي. هن چيو ته افغانستان کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ??اڪ??تان مسلسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آ??و آهي، ??اڪ??تان محدود وسيلن جي باوجود افغان ڀائرن جي انساني ??عا??نت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير ان نازڪ موڙ تي افعانستان جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيهي وزير افغان وفد کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي افغانستان سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ افغانستان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيهي وزير افغان وفد کي ??اڪ??تان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني ??عا??نت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ??اڪ??تاني قيادت جا ٿورا مڃيا.