اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پاڪستان ايران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي، سرحد تي سيڪيورٽي ۾ اضافي، سرحدي مارڪيٽس قائم ڪر?? سان علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عم??ان خان سان ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري جو استقبا?? ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جي موقعي تي دوشنبي ۾ ايراني صدر رئيسي سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون جي فروغ جو محرڪ ثابت ٿيندي. وزيراعظم عم??ان خان ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جو فروغ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي. هن سرحد جي ٻنهي طرفن سيڪيورٽي ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سرحدي مارڪيٽون قائم ڪر?? ۽ انهن مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي شروعات علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪ ايران سرحد تي ٻه وڌيڪ سرحدي ڪراسنگ ??وا??نٽس کوليون ويون آهن جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن اچ وڃ جي سهولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عم??ان خان غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ايران جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جي ان حوالي سان موقف کي ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط سپورٽ سمجهن ٿا. وزيراعظم عم??ان خان ايران جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان ضرورت تي زور ڏنو ته افغانستان جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان پاڪستان ۽ ايران سڌوسنئون متاثر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان افغانستان کي هڪ پرامن ۽ مستحڪم ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو جنهن جي معيشت پائيدار هجي ۽ افغانستان رابطن جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿئي. وزيراعظم عم??ان خان عاليم برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان مثبت اميدون رکندي انساني بنيادن تي فوري طور تي امداد فراهم ڪري ۽ افغانستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان محفوظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن افغانستان جي مالي اثاثن کي غيرمنجمند ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن جنهن سان سخت سرديءَ جي موسم جي اچڻ کان اڳ ان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ افغان عوام جي مدد ڪري سگهجي. وزيراعظم عم??ان خان افغانستان ۾ قومي مصالحت ۽ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏ??و ۽ چيو ته گذريل مهيني افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن تي ٻڌل قائم ڪيل پليٽ فارم تي پاڪستان ۽ ايران جي ويجهي حصيداري ضروري آهي. وزيراعظم عم??ان خان ايراني صدر رئيسي جي لاءِ مبارڪباد جو پيغام پڻ ڏ??و ۽ ان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي پڻ ورجايو.