اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان جي مشهور ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عمر شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو سندس لاڏاڻي سان ??يدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي سگهندو. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا ??لن?? فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرز?? محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽ?? شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان ??رحوم جي مغفرت ۽ درجن جي ??لن??ي لاءِ دعا ڪئي.