اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ??ان??يگرن تي زور ڏنو آهي ته اهي ميدان ۾ خوداعتمادي ۽ کٽڻ جي جذبي سان لهن، مح??ت سان هڪ مضبوط ٽيم بڻجن، پوري قوم جون ٽيم مان اميدون واڳيل آهن. هن اها ڳالهه قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، سينيٽر فيصل جاويد ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رميز راجا شريڪ هئا، ملاقات جي شروعات قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ??ان??يگرن سان تعارف سان ٿي. وزيراعظم ??ان??يگرن کي ڪرڪيٽ جي حوالي سان ٽپس پن ڏنا. ان کانسواءِ وزيراعظم ??ان??يگرن کي پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر جا تجربا شيئر ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ ڪاميابي جا اصول واضح ڪري رکيا آهن. حضور ﷺ دنيا جا سڀ کان ڪامياب ترين انسان آهن، انهن جو رستو اهو آهي جيڪو اسان پنج وقت الله کان گهرون ٿا، اهو رستو جن تي الله جو انعام ٿيو. عمران خان چيو ته ڪاميابي جو رستو سچائي ۽ ايمانداري جو رستو آهي. هن چيو ته انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات بڻايو آهي. انسان ڪوشش ۽ مح??ت سان پنهنجي تقدير بدلائي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته هڪ رستو عزت جو آهي ۽ ٻيو پئسي جو، تو??ان کي پئسي جي بُت کي ٽوڙڻو آهي. تو??ان کي ٽيم ۽ قوم جي لاءِ کيڏڻو آهي. هنچ يو ته پوري قوم جون نظرون تو??ان تي آهن. پوري قوم تو??ان کي ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿي. وزيراعظم چيو ته تو??ان دنيا ۾ پاڪستان جا نمائندا ۽ سفير آهيو. تو??ان م ٽيلينٽ جي کوٽ نه آهي، پوري دنيا پاڪستان جي ٽيلينٽ کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته تاريخ گواهه آهي بدر جي جنگ ۾ 313 ڄڻن وڏي فوج کي شڪست ڏني ۽ رڳو 13 سالن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سلطنتن، رومين ۽ فارسين کي شڪست ڏئي ڇڏي. تو??ان ۾ ٽيم اسپرٽ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ميدان ۾ جڏهن لهو ته خوداعتمادي ۽ کٽڻ جي جذبي سان لهو، اها ٽيم ڪڏهن به ناهي کٽيندي جيڪا هارائڻ کان بچڻ جي لاءِ کيڏي. وزيراعظم چيو ته آئون جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندو هئس ته اسان ڪرڪيٽ کي خراب حالتن مان ڪڍي ورلڊ ڪپ کٽيو. هن قومي ٽيم جي ??ان??يگرن تي زور ڏنو ته تو??ان کي جارحاڻي انداز ۾کيڏڻو آهي، دفاعي نقطه نظر سان کيڏندڙ ٽيم ڪڏهن به ناهي کٽيندي. وزيراعظم چيو ته اسان ئي ڪرڪيٽ ۾ اٽيڪنگ ٽيڪنيڪ کي متعارف ڪرايو. هن چيو ته هارائڻ سان انسان سکي ٿو، ڪو به ڪامياب شخص اهڙو ناهي گذريو جيڪو زندگي ۾ هارايو نه هجي. هن چيو ته ڏينهن جي مڪمل ٿيڻ تي پنهنجو محسابو ڪرڻ سان انسان پنهنجي غلطين کي سڌاريندو آهي، ٽيم کي اعصابي طور تي مضبوط ڪريو، دٻا5 ۾ پريشان ٿيڻ بدران پريشر مان لطف اندوز ٿيڻ سکو. وزيراعظم چيو ته وڪيٽ وٺڻ تي ڪريو، رنسُون روڪڻ ۽ وڪيٽ وٺڻ ٻه جدا ٽيڪنيڪس آهن. هن چيو ته مح??ت سان هڪ مضبوط ٽيم بڻجو، پوري قوم جون تو??ان سان اميدون واڳيل آهن.