اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، افغ??نس??ان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? ترغيب پيدا ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل اٽلي جي پرڏيهي وزير ليوگي ڊي ماريو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته افغ??نس??ان ۾ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغ??نس??ان پاڪستان سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي پڻ بهترين مفاد ?? آهي. ملاقات دوران افغ??نس??ان جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته هن نازڪ موڙ تي افغ??نس??ان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال، امن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پناهگيرن جي ڪنهن وڏي پئماني تي هجرت کي روڪڻ جي ??اء?? قدم انتهائي لازمي آهن. ان ڏس ۾ ??نس??ني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ انتهائي اهم ترجيحون آهن. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته اٽلي پاڪستان جي ??اء?? هڪ اهم حصيدار آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ته اٽلي ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير ليوگي دي ماريو افغ??نس??ان مان انخلا جي ڪاررواين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان ??ا ٿورا مڃيا ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ??اء?? اٽلي جي عزم کي ورجايو. اٽلي جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي اٽلي جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي اٽلي جي وزيراعظم ماريو ڊراگي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.