اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم عمران خان وفد جي آجيان ڪئي ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام سدائين سعودي قيادت جو خاص احترام ڪيو آهي. وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان ۽ سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي ??چ ۾ ملاقات ۾ گڏيل ??لچ??پي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي عوام جي ??چ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي قائم ٿيندڙ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ مضبوط دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ايندڙ سالن ۾ ٻطرفو دفاعي تعاون وڌيڪ وڌندو. سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ بهترين تعاون جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. ملاقات ۾ يمن جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم يمن جي تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي عرب پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا پراڻا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل تعاون ۾ ڳنڍيل آهن جڏهن ته دورن جي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ بهترين لاڳاپن جي عڪاس آهي.