بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبادگار طبقي کي ملڪ جو سڀ کان ??يمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل، غربت ۾ گهٽتائي ۽ خوشحالي جي لاءِ آبادگارن جي مدد اسان جو فرض آ??ي، آبادگار ڪارڊ هڪ انقلاب آ??ي، ان سان آبادگارن کي سڌوسنئون سبسڊي ملي سگهندي، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافي سان ??اڪستان کي فائدو ٿيندو، پيداوار وڌندي، قيمتون گهٽ ٿينديون، پاڪستان جي مستقبل جو رستو تحقيق آ??ي، پاڪستان کي اڳتي وڌڻو آهي ته غربت جو خاتمو ڪرڻو پوندو. هو آبادگار ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ??وقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري خاص معاون جمشيد چيما پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ان ??وقعي تي آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ پڻ ورهايا. هن زرعي شعبي ۾ تحقيق تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اطهر اقبال، پروفيسر ڊاڪٽر اقبال بندي شاهه ۽ چين مان ??ي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر علي کي ايوارڊ ڏنا. وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 83 لک آبادگار اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي مدد سان ??لڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو، هن ملڪ جي آبادگارن بابت اها مهم هلي رهي هئي ته جاگيردارن ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو پر ملڪ ۾ رڳو 26 هزار آبادگارن وٽ 125 ايڪڙ کان ??ڌيڪ زمين آهي. هن چيو ته هن ملڪ جي جان آبادگار آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سڀ کان سٺو ڪم اهو ٿيو ته آبادگارن وٽ 1100 ارب رپيا اضافي ويا، ان کان اڳ ڪمند جي آبادگار کي شگر ملز جي طاقتور هجڻ جي ڪري قيمت نه ملي رهي هئي، ملڪ ۾ قانون بدران طاقتور جي حڪمراني ر??ي، اسان ??انون پاس ڪيو ته شگر ملز کي ڪريشنگ ڪڏهن شروع ڪرڻي آ??ي، جيڪي شگر ملز طئي ٿيل سيزن ۾ ڪريشنگ شروع نه ڪنديون انهن جي لاءِ سزائون مقرر ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ آبادگارن کي ڪڻڪ، مڪئي ۽ ڪمند جي طئي ٿيل قيمت ملي. وزيراعظم چيو ته اسان آبادگار جي آمدني ۾ اضافو ڪنداسين ته ان سان ??لڪ کي فائدو ٿيندو ڇو ته آبادگار ڪمائيندو ته زمينن تي لڳائيندو ۽ ان سان اسان جي پيداوار وڌندي. قيمتون گهٽ ٿينديون، ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو سبب کاڌي پيتي جون شيون برآمد ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان جي آبادي 4 ڪروڙ هئي جيڪا هاڻي وڌي ساڍا 22 ڪروڙ ٿي چڪي آ??ي، انهي تناسب سان اسان جي پيداوار ۾ به اضافو ٿيڻ گهرجي ها، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿيڻ جي باوجود اسان 40 لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪئي، عالمي سطح تي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري هتي به ان جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي آبادگارن جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ مدد ڪرڻي آ??ي، پاڪستان جي مستقبل جو رستو تحقيق آ??ي، ڪنهن وقت ۾ فيصل آباد يونيورسٽي تحقيق جو وڏو نالو هو جڏهن ته آهستي آهستي ان ۾ گهٽتائي آئي. هن چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ 12 موسمن سميت وڏين نعمتن سان ??وازيو آ??ي، هتي هر فصل پوکي سگهجي ٿي جڏهن ته ان بابت تحقيق جي ضرورت آهي ته ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙي فصل پوکي وڃي، دنيا ۾ گهٽ پاڻي سان ??ڌيڪ پيداوار جا نوان طريقا آيا آهن. هن پروفيسر اقبال ۽ ڊاڪٽر علي کي ڪپهه کي دوائن کانسواءِ جيتن کان بچائڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ انهن جي تحقيق تي انهن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسلاميه يونيورسٽي کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو، اهي تحقيق ڪن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت انهن کي ڀرپور فنڊز ڏيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اڳتي وڌڻو آهي ته غربت جو خاتمو ڪرڻو پوندو، ٿورو طبقو امير ۽ غريبن جو سمنڊ هجي ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگ??ي، انسانيت جي گهرج آهي ته جيڪي ماڻهو پٺتي رهجي ويا آهن انهن کي مٿي اٿاريون، مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقن کي مٿي اٿاريو ويو، چين به اهو ئي اصول اختيار ڪري 70 ڪروڙ عوام کي غربت مان ڪڍيو، ڀارت ۽ چين هڪ وقت ۾ برابر هئا پر چين هاڻي عالمي طاقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي مدد سان ??لڪ خوشحال ٿيندو، اسان کي کاڌي پيتي جون شيون برآمد ڪرڻيون پيون آهن ان جي روڪٿام لاءِ آبادگارن جي مدد ڪرڻي پوندي، آبادگار ڪارڊ هڪ انقلاب آ??ي، ماضي ۾ مختلف سببن جي ڪري آبادگارن تائين پئسو پهچائڻ مشڪل ڪم هو هاڻي اسان ??يڪنالاجي جو استعمال ڪيو آ??ي، آبادگارن کي جيڪا سبسڊي ملندي اها انهي ڪارڊ تي ملندي اهو پنجاب حڪومت جو اهم قدم آ??ي، ٻين صوبن ۾ جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آ??ي، اتي به اهي ڪارڊ ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان ??ڌيڪ موٽرسائيڪلون وڪرو ٿيون، ٽيوٽا گاڏيون وڪرون ٿيون، ان جو مطلب آهي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آ??ي، اسان ??لڪ کي مشڪل مان ڪڍي استحڪام طرف آندو ۽ هاڻي ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مشينري جي درآمد سان ??رڏيهي ناڻو ٻاهر وڃي ٿو، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو هڪ وڏو سبب ملڪ ۾ سرمايو وڏي انگ ۾ نه اچڻ آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي سياست ۾ اچڻ کان اڳ اهو خواب هو ته هر پاڪستاني جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي سهولت هجي، اسان ??يلٿ انشورنس جو پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن سان ??ر شهري ڪنهن به سرڪاري يا نجي اسپتال ۾ 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪرائي سگهندو. وزيراعظم چيو ته سندس والده جڏهن ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي ته ان ??قت اسان کي احساس ٿيو ته علاج ڪيترو مشڪل آ??ي، انهي جي ڪري اسان ڪينسر جي علاج جي لاءِ شوڪت خانم اسپتال ٺاهي جتي 70 سيڪڙو مريضن کي مفت علاج جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هر شهري کي صحت ڪارڊ ڏنو پيو وڃي ائين امير ترين ملڪن ۾ به ممڪن نه آ??ي، هن ملڪ ٺاهڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياست هو جڏهن ته اسان ان کان ??ري نڪري ويا آهيون، هاڻي اسان ان ??قصد طرف گامزن آهيون. وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي يقين ڏياريان ??و ته توهان جي مدد اسان جو فرض آ??ي، اسان ??نهنجي ملڪ جي مستقبل، غربت ۾ گهٽتائي ۽ خوشحالي جي لاءِ توهان جي مدد ڪنداسين، اسان جي حڪومت هر وقت آبادگارن سان گڏ بيٺل هوندي.