اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندن وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي. هن اها ڳالهه سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن هيٺين سطح تي عملدار ??شو?? وٺندا آهن ته ان سان عام شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ڇو ته ??شو?? جو پئسو هڪ طرح سان انهن تي ٽيڪس وانگر آهي پر جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندس وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن جو تازو ”ميمورنڊم آن ايسٽبلشنگ دي فائيٽ اگينسٽ اينٽي ڪ??پش?? از اي ڪوريونائٽڊ اسٽيٽيس نيشنل سيڪيورٽي انٽرسٽ“ جو اقتباس به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ صدر جوبائيڊن پنهنجي سينئر آفيس??ن کي طرز حڪمراني ۾ بهتري، ناجائز ماليات جي سمورن صورتن جو مقابلو ڪرڻ، بدعنوان عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪا??ن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪ??پش?? جي تدارڪ لاءِ ملڪي ۽ عالمي قومي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري لاءِ مختلف ايجنسين ۽ ادارن جو جائزه عمل اخ??يا?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.