اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آ??ي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ سدائين پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي رهي آهي، ملڪ تاريخ جي ٻه واٽي تي ??يٺل آهي، پئسي، اثررسوخ ۽ ڌوئنس جو ڪلچر تبديل ڪرڻو پوندو، مخالف ڌر وٽ موقعو آهي، اها سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران قانون جي حمايت ڪري، پئسي جي زور تي ??ينيٽ ۾ ايندڙ عوام جو نه پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدارتي ??رڊيننس جاري ڪرڻ بابت رٿ تي ??حث دوران ڳالهائيندي هن ??يو ته ان معاملي جو هڪ قانوني ۽ ٻيو ??خل??قي رخ آهي، اهو معاملو عدالت ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، ڏک ان ڳالهه جو آ??ي ته هي ايوان جيڪو مٿيون ايوان آهي ۽ هتي ماضي ۾ سينيٽ جي اليڪشن جي حوالي سان جيڪي سوال ڪيا ويندا رهيا آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ لازم ملزوم بڻجي وئي هئي، مخالف ڌر ميمبرن ان بابت هڪ لفظ تائين نه چيو. هن ??يو ته جمهوريت ۽ جمهوريت جي طاقت پارليامينٽ هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙن ادارن ۽ خاص طور تي ??ينيٽ جي اليڪشن کي تڪراري بڻايو وڃي ته اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته اسان اهڙو ڪهڙو قدم کڻي سگهون ٿا جو هن ايوان جو تقدس بحال رهي. سينيٽ جون چونڊون سدائين تڪراري رهيون آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ??ي لعنت کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه جو داعي رهيو آ??ي ته هن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن نقصان پهچايو آهي. عالمي دنيا ۾ جن ملڪن ۽ جمهوريتن ۾ ڪرپشن آهي اهي سڀ کان پٺتي ??هن ۽ اهي ملڪ جتي ??مهوريت مضبوط آهي ۽ اقتصادي ترقي آهي، اتي قانون جي حڪمراني اهو بنيادي جز آهي جنهن تي ??هي عمل ڪن ٿا. بدقسمتي ??ان اسان جي ملڪ جو اهو ڪلچر بڻجي ويو آ??ي ته ڪرپشن کي ڪرپشن ئي نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ اڄ ان ڳالهه جو هتي ??ه احساس ٿيو آ??ي ته ڪنهن ذڪر تائين ناهي ڪيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿئي ٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان ختم ڪئي وڃي ۽ ان بدران قانوني بحث ۾ الجهايو وڃي ٿو ته جيئن عوام اهو نه سمجهي سگ??ي ته هي رڳو قانوني معاملو آهي يا ??خل??قي معاملو به آهي. هن ??يو ته بدقسمتي ??ان ??خل??قيات ۽ انهن قانونن تي ??يڪي اسان جي زميني حقيقتن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن، ان تي قانونسازي نه ٿي ڪري سگهجي، اسان ڪهڙي اهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن تي مخالف ڌر کي اعتراض ٿي سگهي ٿو. مخالف ڌر پارٽين جن معاملن تي ميثاق جمهوريت تي ??تفاق ڪيو ۽ ان جي شق 23 بلڪل واضح آهي ان تي ??نهن صحيحون ڪيون آهن. ڪهڙو سبب آهي جو 10 سال انهن ٻنهي پارٽين جون حڪومتون رهيون آهن پر انهن ان تي ??ملدرآمد نه ڪيو. ڇا اهو واجبي دستاويز هو ۽ ان تي ??ملدرآمد انهن جو مقصد نه هو يا هڪ طرح جو اقتدار ورهائڻ جو معاهدو هو. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آ??ي ته پوءِ مخالف ڌر کي انصاف مليو آهي، هاڻي انهن کي عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران ان قانون جي حمايت ڪرڻ گهرجي. شبلي فراز ??يو ته انهن کي ان ڳالهه تي ??ور ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪو ڪجهه چئي رهي آ??ي ته ڇا اهو ??خل??قي طور تي ??حيح آهي يا نه، ڇا اها حقيقت نه آ??ي ته ملڪ ۾ سينيٽ جي اليڪشن ۾ خريد ۽ وڪرو ٿيندو آهي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه نه آ??ي ته بيشڪ ان جي مخالفت ڪريو، قانون جي حڪمراني تمام اهم آهي پر ان سان گڏ ??خل??قي رخ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، قانون ۾ ??خل??قيات، عالمي اصول ۽ زميني حقيقتون سڀ شامل هوندا آهن.