اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويٽنام سان اقتصادي ۽ واپاري ??اڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي گڏيل رابطن جي سمورن شعبن ۾ ويٽنام سان لاڳا??ن جي قدر ڪري ??و. هو ويٽنام ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ثيمنه مه??اب سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ويٽنام سان اقتصادي ۽ واپاري ??اڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ٻه طرفي ۽ گهڻ رخي گڏيل رابطن جي سمورن شعبن ۾ ويٽنام سان لاڳا??ن جي قدر ڪري ??و، هن چيو ته گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول ۾ ويٽنام جي ڪاروباري برادري ??اءِ بي حد موقعا موجود آهن. نامزد سفير ملڪي وقار ۽ مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري.