اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انتظاميه ضروري شين جي ??قرر ڪيل ريٽ لسٽ تي عملدرآمد يقيني بڻائي، آفيسر غريبن جي تڪليفن جو احساس ڪن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس جي دوران صوبن جا چيف سيڪريٽري به موجود هئا. وزيراعظم کي پنجاب جي ??وڊ واري سينئر صوبائي وزير پاران ٻڌايو ويو ته سندس هدايت موجب پنجاب حڪومت فلور ملز کي 7 جولاءِ 2020ع کان ڪڻڪ فراهم ??ري رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هيستائين 36 لک ٽن ڪڻڪ 50 ارب روپيا سبسڊي سان جاري ڪئي وئي آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ تي 510 روپيا في مڻ جي حساب سان اض??في بار حڪومت برداشت ??ري رهي آهي ۽ اهو اض??في بار صارفين تي نه پيو وڌو وڃي، وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته موجوده خريداري جي ??ظام جو جائزو وٺي ۽ فوڊ کاتي جي ذريعي ٿيندڙ اض??في خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي ??قصد جي ??اءِ موثر ڪاروباري ماڊل تجويز ڪري، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽرين وزيراعظم کي ميوون ۽ ڀاڄين جي ??نڊين جي ??يام لاءِ صوبن جي ??وجوده ريگوليٽري ميڪينزم جي باري ۾ آگاهه ڪيو، خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم جي ??دايت کانپوءِ صوبي ۾ 65 آبادگار مارڪيٽون قائم ڪ??ون ويون آهن، سڄي صوبي ۾ تعلقي جي سطح تي 13 مارڪيٽون قائم ڪ??ون ويون آهن جنهن جا لائسنس نيلام ٿيا، ان کانسواءِ ٻ??ن جاين تي 23 مارڪيٽون قائم ڪ??ون ويون، وزيراعظم کي پنجاب زرعي مارڪيٽنگ ريگوليٽري اٿارٽي ايڪٽ 2018ع جي ??وجوده شق ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ ترميمن جي باري ۾ ٻڌايو ويو.