تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاق جي مضبوطي جي ل??ءِ سمورن صوبن ۾ هڪجهڙي ترقي ضرو??ي آهي، بلوچستان ترقي ڪن??و ته پاڪستان ترقي ڪن??و، پوئتي پيل علائقن ۾ هڪجهڙي ترقي چاهيون ٿا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقي تي خوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، جن قومن انساني وسيلن تي خرچ ڪيو انهن ئي ترقي ڪئي، تعليم جي ڪري ئي انسان عظمت حاصل ڪئي، ڪاميابي جي ل??ءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي، زندگي ۾ ڪو به شارٽ ڪٽ ناهي هوندو، پنجاب حڪومت پاران بلوچستان جي شاگردن جي ل??ءِ وظيفن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار هن دارلاحساس، وسيله تعليم پروگرام ۽ مختلف منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو.