اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جو ٻٽو معيار ۽ منافقت نه هلندي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي فيملي لميٽيڊ ڪمپنيون آهن، انهن جي موسمي نظرياتي پن کان قوم وا??ف آهي، ??نهن جو مفاد مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ قوم جي ڀلائي ناهي پر ڪرپشن لڪائڻ آهي، معيشت ۽ ادارن کي تباهه ڪن??ڙ، ملڪ کي ڦريندڙ، پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ هاڻي جمهوريت جا چيمپئين بڻجي ويا آهن، ماضي ۾ هڪٻئي کي چور چور چوندڙن کي پنجاب حڪومت رومال به ڏئي ته جيئن هو پنهنجو چهرو لڪائي سگهن، گجرانوالا اسٽيڊيم ڀرڻ جي ل??ءِ هن اڌ اسٽيڊيم تي اسٽيج ٺاهي ڇڏيو آهي، پنهنجي دور ۾ هنن ووٽ جي عزت ??و نه نوٽ جي عزت ??و خيال ڪيو، اسان کي ملڪ کي چورن جي چنبي مان ڪڍڻو آهي، ??ڄ ملڪ ۾ مهانگائي به انهن جي پاليسين جو نتيجو آهي، مولانا فضل الرحمان جو پٽ کٽي وڃي ته ٺيڪ آهي، پاڻ هارائي وڃي ته اليڪشن غلط آهي، ??دالتون انهن جي حق ۾ فيصلو ڏين ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ غلط سمجهندا آهن، اهي ناڪام ٿيندا ۽ ڪڏهن ٻيهر وا??س نٿا اچي سگهن، انهن جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر سٺو وقت اچڻ وارو آهي، ??يندڙ ٻن چئن هفتن ۾ صورتحال ۾ بهتري نظر انيدي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي ڪيو.