اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام تائين معياري ۽ تصديق ??يل معلومات جي فراهمي اهم آهي، اطلاعات واري وزارت ان سل??لي ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هو ??يمرا هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پيمرا مانيٽرنگ جو اعليٰ ۽ معياري ميڪنزم قائم ڪيو آهي، لاڳاپيل وزارت هجڻ سبب پيمرا سان اسان جو رابطو ۽ سهڪار گهڻو اهم آهي، اهو رابطو هڪ ٻي جي تج??بن مان فائدو ۽ معلومات جي مٽاسٽا لاءِ نهايت ضروري آهي.