اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيلي اسڪول ٽي وي کان گهرن ۾ محدود ٻارن ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي تعل??م جي سهولت ميسر ايندي، ٽيلي اسڪول ٽي وي سان تعليم بالغان کي به فروغ ڏئي سگهجي ٿو، ٽيلي اسڪول ۾ بهتري لاءِ هر ممڪن تع??ون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليم ۽ پيشيوراڻي تر??يت واري وفاقي وزارت ۽ پي ٽي وي جي سهڪار سان شروع ڪيل ٽيلي اسڪول ٽي وي چئنل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.