اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ معاشي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ ع??رت?? جي وڌ کان وڌ ڪردار تي زور ڏيندي چيو آهي ته لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ ع??رت?? کي مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن. ع??رت?? جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ هڪ ٽيليويزن چينل پا??ان منقعد وومين ليڊرز ايوارڊز ج?? تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ع??رت?? کي گهرن کان ٻاهر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ معاشرو انهن کي پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ مناسب موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته مردن کي ڪم ??ي جاين تي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان ع??رت?? جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ذميواري وٺڻ گهرجي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان صنفي برابري جي معاملي ۾ ٻين مل??ن کان پٺتي آهي ۽ سماجي ۽ معاشي شموليت جي حوالي سان مرد ۽ ع??رت?? جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن قائداعظم محمد علي جناح جو مثال پيش ڪيو جنهن جي ڀيڻ فاطمه جناح پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ دوران ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهي. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان معاشي ترقي چاهيون ٿا ته اسان ع??رت?? کي گهرن تائين محدود رکڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين جهڙن ملڪن ع??رت?? کي معاشي سرگرمين جو حصو بڻائي غيرمعمولي ترقي ڪئي آهي. صدر چيو ته اسلام ع??رت?? کي ڪيتريون ئي صديون اھ وراثت جي حق سميت سمورا حق ڏنا ۽ هي اهو وقت هو جڏهن ٻين معاشرن ۾ انهن حقن جو ڪو تصور به نه هو. هن نشاندهي ڪئي ته اولهه دنيا ۾ ع??رت?? کي اهي بنيادي حق رڳو گذريل صديءَ ۾ ڏنا ويا هئا. هن ام المومنين حضرت خديجه (رضه الله عنها) جو مثال پيش ڪيو جيڪا پنهنجي طور تي هڪ ڪاروباري عورت هئي. صدر چيو ته بئنڪن پا??ان ع??رت?? جي لاءِ آسان قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، ان بابت انهن جي مناسب رهنمائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي مالياتي ادارن کان اهي قرض حاصل ڪري پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. هن چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ع??رت?? جي اڪثريت اسلام جي تعليم جي باوجود وراثت جي حق کان محروم آهي. ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڳالهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ 20 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن پرائمري سطح تي اٽڪل سئو سيڪڙو داخلا جي شرح حاصل ڪري ??رت?? آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا 68 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته بينظير انڪم ??پورٽ پروگرام جهڙن سماجي تحفظ جي قدمن ع??رت?? کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هي پروگرام ع??رت?? کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي حوالي سان ڪامياب رهيو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل سان ع??رت?? کي پنهنجي گهرن مان محفوظ انداز سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پا??ليامينٽ ۾ ع??رت?? کي نمائندگي ڏئي هڪ اهم قدم کنيو آهي، ع??رت?? جي شرڪت وڌائڻ جي لاءِ اهڙن وڌيڪ فعال قدمن جي ضرورت آهي. صدر چيو ته هي ايوارڊ انهن ع??رت?? جو اعتراف آهي جن مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ معاشري جي بهتري جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. صدر ڊاڪٽر علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن خاص طور تي ع??رت?? ۽ ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هم نيٽ ورڪ جي صدر سلطانه صديقي پنهنجي خطاب ۾ عورت ليڊرن کي نهن جي خدمتن ۽ ڪاميابين تي ايوارڊ ڏيڻ جي ساليان?? تقريب بابت آگاهه ڪيو. ان کان اڳ صدر عارف علوي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن عورت اڳواڻن کي ايوارڊ ڏنا. ايوارڊز ماڻيندڙ ع??رت?? ۾ پروين سعيد، خاور ممتاز، ڪيرن آرمسٽرانگ، سبينه کتري، لاريب عطا، آمنه نواز، ڊاڪٽر زيبا ستار، رونق اقبال لاکاڻي، نسيم صلاح الدين ۽ نعيم احمد شامل هُيون.