اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??نڊ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته اسا?? جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپٽ نظام جي پيداوار اپوزيشن پارٽيون تبديلي جي مخالف آهن پر اسان تبديلي آڻينداسين، آزاداڻي، صاف ۽ شفاف چونڊون جمهوريت جو بنياد آهن، پاڪستان جي گذريل 50 سالا تاريخ ۾ هر اليڪشن تڪرار ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي جي الزام?? جو خاتمو ٿيندو، اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر پاران اي وي ايم جي مخالفت بنا جواز آهي، مافياز سان وڙهڻ کانسواءِ ڪا قوم ترقي جي سفر تي گامزن نه ٿي ٿي سگهي، پارليامينٽ ميمبر تبديلي جو ساٿ ڏين، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي منزل حاصل ڪنداسين. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پارليامينٽ ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته آئُون پنهنجي ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن کي ڀليڪار چوان ٿو. هن چي?? ته منهنجي سياست ۾ اچڻ جو مقصد پاڪستان کي مثالي فلاحي رياست بڻائڻ هو، قائداعظم جو خواب هو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ ۽ دنيا جي لاءِ مثال بڻجي، حضور اڪرم ﷺ پهرين فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ اسلامي معاشري ۽ رياست جا اصول جوڙيا، حضور اڪرم ﷺ پوري دنيا جي انسانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيا ۽ دنيا کي اهي رهنما اصول ڏنا جن تي عمل ڪري ڪا به قوم ترقي ۽ ڪاميابي جي منزل حاصل ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چي?? ته قومون اخلاقيات جي بنياد تي ترقي ڪنديون آهن، جيڪي قومون اخلاقي بلندي تي هونديون آهن انهن کي ائٽم بم هڻي به ختم نه ٿو ڪري سگهجي، جرمني ۽ جاپان تباهي جو شڪار ٿيڻ جي باوجود ترقي ڪئي ڇو ته انهن جي اخلاقيات بلند هئي جڏهن ته بيروت جنهن کي پيرس آف مڊل ايسٽ چي?? ويندو هو اڄ ڪرپشن جي ڪري ناڪام رياست آهي. وزيراعظم چي?? ته 1970ع کانپوءِ سموريون چ??نڊون تڪراري ٿيون ڇو ته هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ڪندو هو، اسان پارليامينٽ جي تازي سيشن ۾ جيڪو بل آندو آهي ا?? جو مقصد عام چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ آهي، سڌارا ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، 50 سالن ۾ صاف شفاف چونڊن جي لاءِ ڪنهن ڪوشش ئي نه ڪئي، اسان 2013ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ثابت ڪرڻ جي لاءِ رڳو چار تڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کي تسليم نه ڪيو ويو جنهن جي خلاف اسان 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو، چئن تڪن کان اسان جي حڪومت ٺهڻي نه هئي، اسا?? جو مقصد اهو هو ته اڳتي چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين. وزيراعظم چي?? ته 2018ع ۾ اڳوڻي حڪومت جوڙي وئي اليڪشن ڪميشن هئي پر انهن ئي ڌانڌلي جو الزام به هنيو. وزيراعظم چي?? ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڇا ٿيندو آهي سڀني کي خبر آهي، پئسا وٺڻ جي وڊيوز ڏيکاريون ويون پر ڪجهه نه ٿيو، اليڪشن ڪميشن به ڪو نوٽيس نه ورتو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي اخلاقيات ڪٿي پهچي وئي آهي. وزيراعظم چي?? ته جڏهن تصديق ٿيل ووٽ جي ڳالهه ٿي ته سڄي اپوزيشن مخالفت ڪئي، اسان چاهيون ٿا ته سينيٽ ۾ اوپن بيلٽنگ ٿئي، ڳجهي راءِ شماري ۾ پئسو هلي ٿو ان لاءِ اپوزيشن جي ان جي حمايت ڪري ٿي، اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن چ??نڊون شفاف ٿين، چونڊ عمل ختم ٿيڻ کانپوءِ رزلٽ جي عمل دوران ڌانڌلي ٿئي ٿي، ڊبل اسٽيمپ ڪري هارايو وڃي ٿو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڌانڌلي ختم ڪري سگهجي ٿي. وزيراعظم چي?? ته اپوزيشن کي بار بار چونڊ سڌارن جي حوالي سان تجويزون ڏيڻ جي دعوت ڏني پر ڏيڍ سال کان اپوزيشن چ??نڊ شفافيت جي حوالي سان ڪا تجويز نه ڏني، ان جي ابتڙ اپوزيشن ۽ اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي بنا جواز مخالفت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چي?? ته اسان هي بل پنهنجي لاءِ نه آڻي رهيا آهيون پر سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ آڻي رهيا آهيون ڇو ته ان سان چ??نڊ تڪرار ختم ٿي ويندا. هن چي?? ته ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ سدائين سڌارن جي مخالفت ڪن ٿا. وزيراعظم چي?? ته انصاف ڪرڻ جي اخلاقي قوت نه رکندڙ قوم ڪڏهن به عظيم نه ٿي بڻجي سگهي، اخلاقي قوت کانسواءِ طاقتور مافياز کي قانون جي ماتحت نه ٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم چي?? ته ڪرپٽ سسٽم جي پيداوار اپوزيشن پارٽيون تبديلي آڻڻ نه ٿيون چاهين پر اسان تبديلي آڻي رهنداسين، پارليامينٽ ميمبر ان معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏين. وزيراعظم چي?? ته مافياز اهڙو سسٽم نه ٿا چاهين جنهن سان انه?? جو پئسو نه هلي سگهي ان جي لاءِ پارليامينٽ ميمبر صاف ۽ شفاف اليڪشن منعقد ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي جي حمايت ڪن.