اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪس??ان برطانيه سا?? ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي پ??ڪس??اني ڄائي ميمبر لارڊ واجد خان سا?? ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پ??ڪس??ان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي پنهنجي برطانيه جي تازي دوران دوران برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سا?? ملاقات جو موقعو مليو، مون برطانوي هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ?? جاري انساني حقن جي سنگين خ??اف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي حوالي سا?? پ??ڪس??اني ڄائي برطانوي پارليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي تازي برطانيه جي دوري ۽ برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سميت برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن سا?? ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ پ??ڪس??ان کي هوائي سفر جي حوالي سا?? برطانوي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.