اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غ??رملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري رهي آهي، سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ مقامي ۽ غ??رملڪي سيڙپڪارن جي آساني لاءِ ون ونڊو سروسز پورٽل قائم ڪرڻ ۾ عملي اڳڀرائي جي حوالي سان ??جل??س کي خطاب ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ ون ونڊو سروسز قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. ??جل??س ۾ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ تحت ون ونڊو سروسز پورٽل قائم ڪرڻ سيڙپڪارن کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عمل ۾ آندو پيو وڃي. پورٽل ن?? رڳو انتظامي ۽ قانوني منظوريون حاصل ڪرڻ پر صنعتن کي سهولتن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪندو. ان جي لاءِ لاڳاپيل کاتن کي ٻن مرحلن ۾ پورٽل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، پورٽل ۾ ڪاغذي ڪارروائي ۽ ڊيجيٽل منظوريون شامل آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پورٽل ۾ ن?? رڳو وفاقي کاتا پر صوبائي کاتا به شامل ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غ??رملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي، سيڙپڪارن جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پورٽل جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ۽ ٺوس ڪوآرڊينيشن کي يقيني بڻايو وڃي، پورٽل کي مقرر مدي اندر قائم ڪرڻ ۽ فعال بڻائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.