اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر دوران ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. ”توهان جو وزيراعظم ??وهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سوالن جا سڌوسنئون جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين ل??ر آئي آهي، ڀارتي قسم جو اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿ??، عوام ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪري، پاڪستان ڪورونا جي خلاف صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪيا، پاڪستان انهن ٽن مل??ن ۾ شامل آهي جن بهتر حڪمت عملي سان ڪورونا تي ضابطو آندو، حڪومت جي وقت سر ۽ صحيح فيصلن جي نتيجي ۾ عوام ۽ معيشت کي تحفظ فراهم ڪيو، مل?? ۾ هيستائين 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي.