اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??سا?? پروگرام فلاحي رياست جي قيام جو بنياد آهي، اهو هڪ زبردست قدم آهي، ان پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو ا??سا?? سينٽر جي افتتاح جي مو??عي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، ه?? چيو ته اهو فلاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر دستياب هوندا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان مو??عي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان مو??عي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ ا??سا?? ون ونڊو منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.